درد جي تلاش

درد جي تلاش

درد جي تلاش

درد جي تلاش (ڪتاب): هي موهن ڪلپنا جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو آهي، جنهن درد جي تلاش ۽ ڏهه ٻيون ڪهاڻيون شامل آهن. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’اٺين ڪٿا‘ هو.
درد جي تلاش‘ مجموعي ۾ موهن ڪلپنا جون پنج نيون ڪهاڻيون ۽ ڇهه مختلف رسالن ۾ ڇپيل ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن، جيڪي سندس ڌرمپتنيءَ وٽان پبلشر نارائڻ ڀارتيءَ کي مليون، جنهن هي ڪهاڻي ڪتاب سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن الهاس نگر پاران 1995ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. موهن ڪلپنا جي هنن ڪهاڻين متعلق نارائـڻ ڀارتـي لکي ٿـو تـه، ”هن مجموعي ۾ 11 ڪهاڻيون آهن، اڄ جي حالتن مطابق لکيل، اڄ جي زندگيءَ جون تصويرون آهن. . . هي ڪهاڻيون آئينو آهن اڄ جي وقت جو، پنهنجي وقت جو . . . هر ڪهاڻيءَ پٺيان ڪو نه ڪو اُديش، ڪو سماجڪ مقصد آهي، جنهن جو پورائو ليکڪ ڪيو آهي. ڪهاڻين کان پهرين موهن ڪلپنا جو مضمون ’منهنجي رچنا پرڪريه‘ ڏنو ويو آهي، جيڪو هن 30 جولاءِ 1988ع تي لکيو هو. ان ۾ موهن ڪلپنا لکي ٿو ته، ”مون گذريل چاليهن سالن ۾ اٽڪل سوا چار سئو ڪهاڻيون، اٽڪل هڪ سئو شعر، 12 ناول، آتم ڪٿا، ڪٿا، اٽڪل ويهه ناٽڪ ۽ 30 کن تنقيدي ليک، سوين مضمون، ٻال اُپنياس (ناول)، ادبي خاڪا، تحريڪ واد ووادي ڪتاب ۽ ٻيا بحث مباحثي جا ليک لکيا آهن، جيڪڏهن اهي جمع ڪري ڇپائجن ته اهي ڊيمي سائيز جا گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار صفحا پار ڪري ويندا.“
هن پنهنجي ’رچنيه پرڪريه‘ (تخليقي سفر) بابت لکيو آهي، ”هر طرف ڦهليل بي ترتيب هيرا موتي، ڪک پن، هوا، آڪاس، پاڻي، باهه، ڌرتي ۽ زندگي آهي ۽ ان ڪري ساهت آهي.“
موهن ڪلپنا جي هن ڊيمي سائيز جي 108 صفحن واري ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي ۽ هي ڪتاب اپريل 1995ع ۾ شايع ٿيو آهي.


لفظ درد جي تلاشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو